پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين سي اي او لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو

0
219
پي سي بي پاران

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) وسيم خان جي استعيفيٰ کانپوءِ چيف ايگزيڪيوٽو جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
پي سي بي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي پوسٽ لاءِ هڪ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ خواهشمند ۽ اهل اميدوار 27 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي عهدي جي مدت شروعاتي طور تي ٽن سالن لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، سي اي او جي پوسٽ بورڊ ۾ خالي آهي جڏهن ته سي او او سلمان نصير کي وقتي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

وسيم خان جي استعيفيٰ کان پوءِ ، پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو عهدو خالي ٿي ويو هو، سندس مدو فيبروري 2022 ۾ ختم ٿيڻ وارو هو، پر رميز راجا ۽ وسيم خان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا ۽ اختيارين جي ڪري وسيم خان استعيفيٰ ڏني هئي.

ذريعن موجب آئيني ضرورت موجب سي اي او جي مقرري لازمي آهي، ان ڪري پي سي بي چيئرمين رميز راجا هاڻي گهٽ پروفائل ۽ گهٽ مراعتن سان نئون سي اي او کي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، نئون سي اي او گهڻو طاقتور به نه هوندو.