مورو (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير مسرور جتوئي چيو آھي ته سنڌ ۾ عوامي سياست ناھي رھي، هاڻي رڳو پنھنجا نوازي واري پاليسي ھلي رھي آھي، هتي آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان وزيرن مشيرن جي درن تي ڀٽڪي رھيا آھن جن جي ميرٽ جي لتاڙ ٿي رھي آھي، جڏهن ته پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، هن جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي، عوام سجاڳ ٿيڻ سان گڏ سندن سڃاڻي ٿو ايندڙ اليڪشن ۾ کين بري شڪست ايندي، هن چيو ته جتوئي خاندان هميشه شرافت واري سياست ڪئي آھي ۽ آئنده به ڪندو رهندو.