اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مونکي تڏهن سڏايو ويندو آهي جڏهن معيشت جو ڦيٿو بيهي ويندو آهي. چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ايسوسيئيشن ڪانفرنس کي خطاب دوران ناڻي واري وزير اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽبي ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي وياج جي نظام مان ڪڍي اسلامي نظام آڻيان. هن وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جمعي تائين سٺي خبر اچي ويندي، هن چيو ته معيشت جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهيان ۽ آءِ ايم ايف جيڪو معاهدو ڪيو ان تي عمل ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڊالر جا اگهه اسٽيٽ بئنڪ جي ذميواري آهي، ڊالر جي اصل قيمت ٻه سئو رُپين کان گهٽ آهي، هٿرادو واڌ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽجي ويندي، هن چيو ته سي پيڪ رٿائن ۾ توانائي وارن منصوبن لاءِ نجي شعبي کان مدد ورتي وئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان روس کان تيل خريد ڪندو، جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل وٺي سگهي ٿو ته اسان به وٺي سگهون ٿا، روس کان تيل حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت غور ڪري رهي آهي، روس کان ڀارت کان به گهٽ قيمت تي تيل وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪا کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ان کي اعتراض ناهي، هن وڌيڪ چيو ته  گورننس ۾ بهتري لاءِ ٽيڪنالاوجي کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ معيشت جي صنعتڪاري جديد ٽيڪنالوجي تي اچي رهي آهي، اسان ميثاق معيشت جا پهرين ڏينهن کان خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان جتي پهچي چڪا آهيون ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ڪو ملڪ جو سربراهه پاڻ ٻاهرين ملڪ وڃي چوندو ته اسان جو ملڪ خساري ۾ آهي ته ڪير پاڪستان اچي سيڙپڪاري ڪندو، اهڙي صورتحال ۾ ڪو چريو ئي هوندو جيڪو اچي سيڙپڪاري ڪندو.