اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسن ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسن ۾ بريت خلاف درخوستون واپس وٺي ڇڏيون، نيب آصف زرداري جي ڪيسن مان بريت خلاف داخل ڪرايل 4 اپيلون واپس وٺڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، نيب درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپيلن جي وڌيڪ پيروي بي لاڀ عمل هوندو، آصف زرداري خلاف دستاويزن جون فوٽو ڪاپيون به رڪارڊ تي مشڪل سان هونديون، موجود دستاويزي ثبوت به شهادت واري قانون موجب نه آهن. ياد رهي ته آصف زرداري اُرسس ٽريڪٽر، ايس ايس جي ڪوٽيڪنا ڪيس مان بري ٿيو هو، ۽ نيب آصف زرداري جي 25 سال پراڻن ڪيسن مان بريت کي 2015 کان چئلينج ڪيو هو.