لنڊن(م ڊ) هلندڙ سال لاءِ سڄي دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽن جون ٻه ڌار ڌار فهرستون جاري ڪيون ويون آهن ۽ ٻنهي ۾ پاڪستان سڀ کان آخري نمبرن تي آهي. آرٽن ڪيپيٽل طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ گڏيل عرب رياستن جو نالو سرِ فهرست آهي. اهڙي نموني هينلي انڊيڪس جي 2023 جي فهرست ۾ جپاني پاسپورٽ کي طاقتور ترين قرار ڏنو ويو آهي. آرٽن ڪيپيٽل جي فهرست موجب گڏيل عرب رياستن جو پاسپورٽ رکڻ وارا شهري ويزا وٺڻ بنا 181 ملڪن جو سفر ڪري سگهن ٿا. يو اي ايِ کانپوءِ سوئيٽرز لينڊ، ڏکڻ ڪوريا، جرمني، سوئيڊن، فن لينڊ، لڪسمبرگ، اسپين، فرانس، اٽلي، نيڌرليندز ۽ آسٽريا گڏيل طور تي ٻئي نمبر تي موجود آهن ۽ انهن ملڪن سان واسطو رکندڙن شهرين کي 174 مُلڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه آهي. ڊئنمارڪ، بيلجيئم، پرتگال، ناروي، پولينڊ، آئرلينڊ، برطانيا، آمريڪا ۽ نيوزيلينڊ جي پاسپورٽس جي حصي ۾ ٽيون نمبر آيو، انهن ملڪن جو پاسپورٽ رکڻ وارا ماڻهو 173 ملڪن جو بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا. ٻئي پاسي هينلي انڊيڪس موجب جپاني پاسپورٽ رکڻ وارا شهري ويزا کانسواءِ 193 ملڪن جو سفر ڪري سگهن ٿا. جپان بعد سنگاپور ۽ ڏکڻ ڪوريا جا پاسپورٽ گڏيل طور ٻئي نمبر تي آهن ۽ انهن ملڪن جا پاسپورٽ رکندڙ شهري 192 ملڪن جو سفر بنا ويزا جي ڪري سگهن ٿا. جرمني ۽ اسپين جا پاسپورٽس 190 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا سان گڏ ٽئين نمبر تي آهن. ٻنهي فهرستن ۾ پاڪستان کي ڪمزور ترين پاسپورٽ رکڻ وارو چوٿون ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. آرٽن ڪيپيٽل واري فهرست ۾ پاڪستاني پاسپورٽ يمن ۽ صوماليا سان گڏيل طور 92 هين نمبر تي موجود آهي. ان کان هيٺ عراق 93، شام 94 ۽ افغانستان 95 هين نمبر تي موجود آهن. هينلي انڊيڪس جي فهرست ۾ پاڪستان جي حصي ۾ 106 هون نمبر آيو، جنهن جي هيٺان، شام، عراق ۽ افغانستان موجود آهن.