ڪابل(م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا. ڪابل پوليس جي ترجمان موجب اربع جي شام 4 وڳي پرڏيهي وزارت ٻاهران ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن جتان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. حڪومتي ترجمان موجب جنهن وقت ڌماڪو ان وقت هڪ چيني وفد به پرڏيهي وزارت پهچڻ وارو هو، پر ڌماڪي وقت چيني وفد عمارت ۾ موجود هو يا نه اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو. گهرو وزارت موجب بمبار پهرين اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي کيس اهلڪارن روڪيو ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.