حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ضلعي جي 732 پولنگ اسٽيشنن تي پوليس جي مقرري لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 6 هزار 266 پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي اليڪشن دوران سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. ضلعي جون 223 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 509 پولنگ اسٽيشنون حساس قرار ڏنيون ويون آهن. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ٿيندا جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي 4 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 3-3 سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳايون وينديون جن تحت سڄي پولنگ عمل کي مانيٽر ڪيو ويندو ۽ انهن پولنگ اسٽيشنن جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي رڪارڊنگ به ڪئي ويندي. حيدرآباد ضلعي لاءِ ٻن ضلعن مان 1500 جي نفري موڪلي وئي آهي جنهن ۾ قمبرشهدادڪوٽ مان هڪ هزار ۽ نوشهروفيروز مان 500 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن. ٽن ايس ايس پيز کي ضلعي حيدرآباد جي ايس ايس پي جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. انهن ايس ايس پيز ۾ گهوٽڪي جو ايس ايس پي تنوير تنيو، قمبرشهدادڪوٽ جو ايس ايس پي صدام خاصخيلي ۽ نوشهروفيروز جو ايس ايس پي قيوم پتافي شامل آهن. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ٻڌايو آهي ته سب ڊويزن سطح تي واٽس ايپ گروپ ٺاهيا ويا آهن جن ۾ لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن جا پرزائيڊنگ آفيسر ۽ ڪيو آر ايف سميت ٻين پوليس آفيسرن جا نمبر شامل هوندا. ڪنهن به ڳڙ ٻڙ جي صورت ۾ واٽس ايپ ميسيجن تحت فوري طور ڪارروائي ڪري سگهبي. هن ٻڌايو ته ڪوئيڪ ريسپارنس فورس جون 50 گاڏيون آن روڊ هونديون جيڪي ڳڙ ٻڙ جي اطلاع تي فوري طور پهچي ڪارروائي ڪري سگهنديون. هن ٻڌايو ته 223 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن لاءِ 50 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن تي رينجرز جي مقرري به ٿيندي. وڌيڪ فورس لاءِ ڊي جي رينجرز اجازت ڏئي سگهندو جڏهن ته فوج جي هڪ ڪمپني اسٽينڊ باءِ هوندي جيڪا ڪنهن به ڳڙ ٻڙ جي حالت ۾ اطلاع تي فوري طور متاثر پولنگ اسٽيشنن تي پهچي ويندي. هن چيو ته اليڪشن لاءِ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن جن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.