پائيدار امن لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

0
221
پائيدار امن لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي
پائيدار امن لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف جنرل عاصم منير خيبر ضلعي جي ماٿري تيره جو دورو ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ افغان سرحد تي مقرر جوانن سان گڏ ڏينهن گذاريو
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جوانن جي آپريشنل تيارين ۽ بلند حوصلي کي ساراهيو
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن ۽ آفيسرن کي خطاب ۾ چيو ته قبائلي عوام ۽ سڪيورٽي فورسز جي قربانين جي ڪري ملڪ ۾ امن قائم آهي
آرمي چيف چيو ته قوم جي سهڪار سان جٽادار امن جي بحالي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، مادر وطن جو دفاع هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو
آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور جو به دورو ڪيو جتي کيس آپريشنل، ٽريننگ ۽ فارميشن جي ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي