اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ استادن سميت سموري عملي جي حاضري جي نگراني سيشن ججز حوالي ڪرڻ جو حڪم

0
453

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ استادن سميت سموري عملي جي حاضري جي نگراني سيشن ججز حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت پاران صوبي جي سمورن ضلعي ۽ سيشن ججز کي حڪمنامو جاري ڪيو ويو، لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز کي به گوسڙو ملازمن بابت ڪارروائي ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ضلعن ۾ ٽن مهينن لاءِ ميل ۽ فيميل مئجسٽريٽس مقرر ڪري عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي، عدالت اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ عملي جي حاضري بابت رپورٽس 13 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو