لاهور (م ڊ) پنجاب جي چونڊن ۾ ٽڪيٽون نه ملڻ تي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو. وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن زمان پارڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي پاسي  سڄي پنجاب مان ناراض اڳواڻن کان درخواستون پي ٽي آءِ کي ملي ويون آهن. عمران جائزي بعد ٽڪيٽين جي تبديلي جو فيصلو ڪندو.