سن(ن پ ا) سن شھر ۾ اڄ جديد قومپرستي جي باني  جي ايم سيد جي 28 هين ورسي ملهائي ويندي سن شھر ۾  مزار جي ايم سيد تي ايس يو پي، جسقم بشير خان قريشي، جسقم آريسر، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي سميت  پنج مختلف قومپرست پارٽين جا اڳواڻ پھچي گلن جون چادرون چاڙهي ميڙاڪن کي خطاب ڪندا. جسقم بشير خان قريشي ۽ جسقم آريسر طرفان جلسا پڻ رٿيل آهن. ايس يو پي طرفان اڄ رات راڳ رنگ جي محفل ڪرائي 12 بجي درياهه واري بنگلي تان مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي  جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو طرفان تربيتي ورڪشاپ پڻ  ڪيو ويندو.