ٽي_20 ورلڊ ورلڊ ڪپ جو دنگل سڀاڻي کان شروع، پاڪستان سميت ايونٽ ۾ شامل ٽيمون دبئي پهتل

0
264

دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي_20 ورلڊ ورلڊ ڪپ جو دنگل سڀاڻي کان شروع ٿي رھيو آھي جنھن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان سميت ايونٽ ۾ شامل ٽيمون دبئي پهتل آھن.

ان ڏس ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ورلڊ ڪپ يو اي اي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو دنگل فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي، ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم لاھور کان چارٽرڊ اڏام ذريعي دبئي رواني ٿي، 15 رڪني اسڪواڊ، ٽي ريزرو رانديگر ۽ اسٽاف ميمبرز شامل ھئا.

انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي قيادت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي روايتي حريف ڀارت خلاف ميچ 24 آڪٽوبر تي کيڏندو، دبئي روانگي وقت پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽوئٽ ڪيو، جنھن ۾ ھن لکيو تہ ورلڊ ڪپ جو سفر شروع ٿي ويو آهي، اسان ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون.