هالا ڀرسان نوجوان جو چچريل لاش هٿ، اسپتال منتقل

0
868
هالا ڀرسان نوجوان جو چچريل لاش هٿ، اسپتال منتقل
هالا ڀرسان نوجوان جو چچريل لاش هٿ، اسپتال منتقل

هالا(ن پ ا) هالا ڀرسان هڪ نوجوان جو چچريل لاش هٿ آيو آهي.

ڳوٺ جانو واٽر نيشنل هاءِ وي تي نوجوان جو چچريل لاش مليو، اطلاع تي موٽر وي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال هالا پهچايو.

نوجوان جي تلاشي دوران سندس کيسي مان مليل شناختي ڪارڊ، چار سئو روپيا ڪيش ۽ ڪپڙن جو بيگ مليو آهي.

نوجوان جي سڃاڻپ 21 سالا ماجد علي ولد غلام نبي اسلامي ويٺل ڳوٺ عثمان آباد تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور سان ٿي آهي.

موٽر وي پوليس مپوجب ماجد علي اسلامي ڪراچي کان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو، سندس موت روڊ حادثي سبب لڳي رهيو آهي.

هالا پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي نوجوان جي لاش مڪمل چچريل آهي، سندس وارثن کي واقعي کان آگاهه ڪيو آهي.