ٽينس اسٽار ماريا شيراپووا شادي کان اڳ ڳورهاري ٿي وئي

0
717
ٽينس اسٽار ماريا

ماسڪو  (اسپورٽس نيوز) روس جي مشهور ٽينس اسٽار ماريا شراپووا اعلان ڪيو آهي ته هوءَ ڳورهاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اڳوڻي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار ماريا شراپوا اربع تي اعلان ڪيو ته هوءَ ڳورهاري آهي. روسي اسٽار رانديگر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي هڪ قيمتي شروعات آهي

شيراپووا جڏهن خبر پنهنجي مداحن سان شيئر ڪئي ته سندس مداحن طرفان مبارڪن جا ڍير لڳايا ويا. روسي ٽينس اسٽار فالوورز جا ٿورا مڃيندي لکيو ته اهڙن خوبصورت پيغامن سان مان پاڻ کي جنت ۾ محسوس ڪري رهيو آهيان. پنج ڀيرا گرانڊ سلم فاتح ڊسمبر 2020 ۾ برطانوي واپاري اليگزينڊر گلڪس سان مڱڻي ڪئي هئي