رضوان وزڊن ليڊنگ ٽي-20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ ماڻي ورتو

0
305
رضوان وزڊن ليڊنگ

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپير بيٽسمين محمد رضوان جي لاءِ سال 2021 يادگار سال بڻجي ويوآهي. رضوان آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر کانپوڙ وزڊن ليڊنگ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر 2021ع جو ايوارڊ پڻ ماڻي ورتو آهي

وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين گذريل سال 29 ميچن ۾ 73 ڏهائي 6 جي ايوريج سان هڪ هزار 326 رنسون ٺاهيون هيون. انگلينڊ جو جو روٽ وزڊن جي ليڊنگ ڪرڪيٽر آف دي ائير قرار ڏنو ويو جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ليزل لي ليڊنگ ويمن ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز حاصل ڪيو. جسپريت بمرا، ڊيون ڪانو اي، اولي رابن سن، روهت شرما ۽ دين وين نڪرڪ پنج بهترين وزڊن آف دي ايئر رانديگرن ۾ شامل آهن