غلامي قبول ناهي، خريد ڪيل تحفن جو رڪارڊ آهي، امپورٽڊ حڪومت قبول ناهي: عمران خان

0
189
هن حڪومت جو خاتمو سنڌ

لاهور: پاڪستان انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان نه غلامي قبول ڪئي نه وري امپورٽڊ حڪومت کي قبول ڪنداسين، اسان پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ چاهيو پر موجوده حڪمران جوتا پالش ڪرڻ ۾ پورا آهن

لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان آئنده جي حڪمت عملي ڏيندس ۽ هن حڪومت کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، هي ڪرپٽ ٽولي جي حڪومت آهي

 

عمران خان چيو ته مون تي الزام لڳندو آهي ته توشا خانه مان قيمتي تحفا کڻي ويس، الزام لڳائيندڙن جي زماني ۾ 15 سيڪڙُ حڪومت وٽ هو، اسان تحفن جي رقم جو 50 سيڪڙو حڪومت کي ڏنو، مون جيڪو به خريد ڪيو، ان جو رڪارڊ موجود آهي، تحفا کپائي روڊ ٺهرايو

ان کان اڳ شاهه محمود قريشي، علي محمد خان، حماد اظهر، ميان اسلم، مراد سعيد، بابر اعواڻ، زرتاج گل، ياسمين راشد، فواد چوڌري، قاسم خان سوري، فرخ حبيب، اعجاز چوڌري، عثمان ڊار، اسد عمر، شفقت محمود ۽ شيخ رشيد جلسي کي خطاب ڪيو

عمران خان کي نقصان پهتو ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿيندي: شيخ رشيد

شيخ رشيد خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته سامراج 13 پارٽيون گڏ ڪري رهيو آهي، مان چوندو هئس سامراج جو پيءُ به 13 پارٽيون عمران خان خلاف گڏ نٿو ڪري سگهي

هن چيو ته بلاول آصف زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ لنڊن ويو آهي، هي اهو آصف زرداري آهي جنهن پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري هڪ جعلي دستاويز ذريعي رياست تي قبضو ڪيو، آصف زرداري مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرايو

پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان روڊ بلاڪ ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا الزام

ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ٻڌايو ته پهريان مينار پاڪستان ايندڙ رستا بند ڪيا ويا ۽ هاڻ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي پئي وڃي

جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا، نواز شريف جي منهن مان هڪ لفظ نه نڪتو، پاڪستان جو عوام مرندو رهيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت خلاف اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس، امپورٽڊ حڪومت کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو