ٽيم ۾ واپس ايندس ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏندس: وهاب رياض

0
490

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي فاسٽ بالر وهاب رياض جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ واپسي ٿيندي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏندس، پي ايس ايل جا رهيل ميچز ضرور ٿيڻ گهرجن، هن چيو آهي ته هاڻي ڪرڪيٽ نه ٿي رهي آهي ان ڪري پي ايس ايل هي اهڙو پيلٽ فارم آهي جتي پرفارم ڪري اڳتي ٽيم ۾ واپس اچي سگهجي ٿو، هن چيو آهي ته هن ڏينهن ۾ هو فٽس تي فوڪس ڪري رهيو آهي ۽ ان کان علاوه نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر وڃي بولنگ به ڪيان ٿو ته جيئين پاڻ کي رڌم ۾ رکي سگهان. فاسٽ بالر جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ۾ فارم واپس آڻي قومي ٽيم ۾ ايندس، ان ڪري پي ايس ايل جي شروع ٿيڻ جو منتظر آهيان، هن اميد ظاهر ڪئي آهي جيڪڏهن هن کي غور هيٺ آندو ويو ۽ جيڪڏهن پي ايس ايل نه ٿي ته انگلينڊ جي دوري لاءِ ماضي جي ڪارڪردگي کي ڏٺو وڃي. هن چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿيندس، مان پرعزم آهين ته ڪرڪيٽ کيڏندس پرفارمنس ڏيندس ۽ ڪم بيڪ ٿيندو..