عيد مبارڪ تي تنقيد، بالي ووڊ ادڪاره مداح کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون

0
360

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ڊيزي شاهه مسلمانن کي عيد جي مبارڪباد ڏيڻ تي پاڻ تي تنقيد ڪرڻ وارن مداحن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون، عيد الفطر جي موقعي تي جتي ٻين بالي ووڊ شخصيتن مسلمانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو اتي اداڪاره ڊيزي شاهه به ٻه خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون ۽ دعائن جون سٽون به لکيون، سوشل ميڊيا سائٽ انسٽا گرام جي هي پوسٽ ڀارتي شهري ڪوشڪ دتا راءِ کي سٺي نه لڳي ۽ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته توکي پنهنجي مذهب تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنهن تي اداڪاره جواب ۾ لکيو ته منهنجي والدين مون کي هر ڌرم (مذهب) جي عزت ڪرڻ سيکاري آهي، شايد توهان سکڻ ويساري ويٺا آهيوپنهنجي ننڍ پڻ، مهرباني ڪري پنهنجي گهٽيا سوچ ٻئي هنڌ وڃي ورهايو، اداڪاره جي هن ڪمينٽ کي صارفين پسند ڪيو ۽ ساراهه پڻ ڪئي، جڏهن ته عيد جي موقعي تي اداڪار سنجيدت، شاهد ڪپور، ايشا ڪوپيڪر، جيڪلين فرنينڊس، ڪترينا ڪيف، شلپا شيٽي ۽ گلوڪاره نيها ڪاڪڙ سوڌو ٻين عيد جون مبارڪو ڏنيون.