قمبر ويجهو سئوٽن ۾ جهيڙو، نوجوان مارجي ويو

0
301
ڪراچي: اورنگي ٽائون

قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ الله رکيو جوڻيجو ۾ پلاٽ جي مالڪي جي معاملي تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 20 سالن جو نوجوان الطاف نانگراج قتل ٿي ويو، اھڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ قمبر سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.