لاهور: عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته لاپتا ماڻهن جو معاملو دٻيل نه هجڻ گهرجي، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، خرم دستگير چيو ته اوهان ذميواري ڏئي رهيا آهيو پر اٿارٽي نه پئي ڏني وڃي، پارلياماني جمهوريت ايم اين اي ٺاهڻ جو نالو ناهي، عوام جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي ان جي عزت ڪرڻي پوندي، نفيسه شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪير چوي ته اسان ڳالهيون نه ڪنداسين ته ٻيو دروازو کلندو آهي، پارليامينٽ ۽ عوام ۾ رنڊڪ ختم ٿيڻ گهرجي، صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن شهزاد شوڪت چيو ته عدالتن کي پنهنجي اختيار کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي، مشهور ٿيڻ بدران پاڪستان جي عوام کي حق ڏيڻ جي ضرورت آهي.