سامونڊي طوفان جي شدت وڌڻ لڳي، سنڌ حڪومت پاران ساحلي پٽي ۾ ايمرجنسي لاڳو

0
514

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) هندي سمنڊ ۾ هوا جو دٻاءُ سامونڊي طوفان ۾ تبديل، پاڪستان ۽ ڀارت جي ساحلي پٽي تي تيز هوائون گهلڻ شروع، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جي رفتار 70 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، اُهي هوائون 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين وڌي وينديون، موسميات کاتي جي اختيارين موجب سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر طرف 1460 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي آهي، طوفان ڀارتي گجرات ڏانهن وڌي رهيو آهي، ٽاڪ ٽائي نالي سامونڊي طوفان 18 مئي تائين گجرات جي ساحلي پٽي تائين پهچندو، آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بئراج ريجن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪوٽري بئراج کي پنهنجو هيدڪوارٽر عارضي طور ٺتو منتقل ڪرڻ جي هدايت، سموري علمي کي به هيڊڪوارٽر ۾ ڊيوٽي تي موجود رهڻ جو حڪم ڏنو ويو.