ٽن نسلن جي حياتي کسجڻ جو ازالو ڪيئن ٿيندو !؟

0
429
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن واپڊا کي اڃان حصن ۾ نه ورهايو ويو هو ۽ پاڻي ۽ بجلي جا معاملا الڳ الڳ نه ڪيا ويا هئا،۽ بجلي ورهاست جو ڪم ڪمپنين حوالي نه ٿيو هو تڏهن واپڊا کي “اڇو هاٿي ” سڏيو ويندو هو جنهن جي دهشت پوليس جهڙي بدنام کاتي کان به وڌيڪ هوندي هئي،پوليس ته روز عام ماڻهن کي بيگناهه گرفتار ڪرڻ،رشوت وٺڻ،تشدد ڪرڻ سبب بدنام هئي پر واپڊا به عوام کي تنگ ڪرڻ ۾ انهن کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هئي،واپڊا کي پاڻي ۽ بجلي جي شعبن ۾ ورهايو ويو ۽ بجلي ورهاست جو ڪم ڪمپنين حوالي ڪيو ويو پر پوءِ به انهن جي ڪارڪردگي ۾ ڪو سڌارو نه آيو بلڪه اهي وڌيڪ عوام آزار بڻجي ويون آهن.
سنڌ ۾ هن وقت ٽي بجلي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ريجن ۾ بجلي ورهاست جو ڪم ڪري رهيون آهن ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ڪي اي خانگي شعبي حوالي آهي جڏهن ته حيدرآباد ريجن ۾ حيسڪو ۽ سکر ريجن ۾ سيپڪو ڪم ڪري رهيون آهن جن جي نگراني وفاقي سرڪار جي هٿ هيٺ آهي،جيڪڏهن ڪارڪردگي جي حساب سان ڏسجي ته هر ڪمپني ٻئي کان اُتر لهڻي،مطلب ڪنهن به ڪمپني جي اهڙي ڪارڪردگي نه آهي جو عوام طرفان ڪا دانهن ڪوڪ نه ٿئي،اڪثر ڪري بجلي جي بنا شيڊيول لوڊشيڊنگ،رشوت کانسواءِ ڪو ڪم نه ٿيڻ ، ڊٽيڪشن بلنگ جو آزار شامل آهن جڏهن ته ڳرا ڳرا بل موڪلي عوام کي آزارڻ به انهن ڪمپنين جو معمول بڻيل هوندو آهي پر اهي اهڙا معاملا آهن جن کي عوام به ڄڻ پيٽاري ويو آهي ۽ ان کي معمول سمجهي سهي رهيو آهي پر جڏهن گرميون وڌي وينديون آهن ته سڄي سنڌ ۾ انهن ڪمپنين خلاف هر شهر ۾ احتجاج معمول بڻجي ويندو آهي پر جيڪڏهن ويچار ڪبو ته انهن احتجاجن جو انهن ڪمپنين يا انهن جي ذميوارن تي ڪو اثر نه پوندو آهي ۽ انهن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي نه چرندي آهي انهن جي نظر ۾ عوام ڪيڙا مڪوڙا هوندا آهي جيڪ پيا گرمين ۾ رستن تي بنا بجلي جي سڙندا رهندا آهن. انهي کانسواءِ وري جڏهن انهن جي انفرااسٽرڪچر تي نظر وجهبي ته نظر ايندو ته حيسڪو رڳو عوام جي کيسن مان پئسا ڪڍڻ ڄاڻي پر انهن جي سهولت تي خرچ ڪرڻ ڄڻ سندن ذميوارين ۾ ئي شامل ناهي ،اڪثر جاين تي بجلي جون تارون هيٺ ڪريل نظر اينديون پول يا ٿنڀا آڏا ٽيڏا هوندا ڪيترن هنڌن تي ته ڪاٺين تان تارون گذاريون وينديون آهن، ٿنڀا هوندا ئي ناهن ،ڪٿي ته ٽرانسفارمر پٽ تي پيا هوندا آهن جنهن ڪري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو جي حياتي کسجڻ جو خطرو رهندو آهي،ڪالهوڪي اخبارن ۾ هڪ اهڙو ئي واقعو رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ شخص جي نوجوان پٽ ۽ معصوم پوٽي سميت حيسڪو جي نااهلي ۽ نالائقي حياتي کسي ورتي آهي جيڪو سراسر قتل جي ذمري ۾ اچي ٿو. ٽنڊو آدم۾ تعلقي اسپتال ۽ اي سي آفيس ڀرسان جڏهن هڪ موٽر سائيڪل گذريو جنهن تي هڪ شخص پنهنجي پٽ ۽ پوٽي سميت سوار هو ته مٿن بجلي جي 11 هزار وولٽيج جون تارون ڪري پيون جنهن ڪري ٽئي ڄڻا موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا .ٿورڙي غفلت ۽ لاپرواهي هڪڙي گهر تي قيامت بڻجي ڪڙڪي پئي جنهن جو نه انهي ڪمپني کي اندازو آهي نه ئي ذميوارن کي احساس ته انهي خاندان جو به سڀڪجهه ختم ٿي ويو،هي ڪو پهريون واقعو ناهي اڳ ۾ به اهڙا ڪيترا واقعا ٿي چڪا آهن پر انهن جو نه ڪو تدارڪ ٿيندو آهي نه ئي وري اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته هي ڪمپنيون جيڪي عوام کان اوڳاڙجندڙ پئسن تي هلن ٿيون اهي ئي عوام کي سهولتون ڏيڻ ته پري رهندو انهن جون حياتيون کسڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.هي سڌو سنئون قتل ڪيس آهي جيڪي به ذميوار آهن انهن خلاف قانون تحت قدم کنيو وڃي ايئن نه ٿئي ته معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪجهه عملدار معطل ڪري ڪيس داخل ڪري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ساڳيا معاملا معمول تي اچي وڃن. تنهن ڪري وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجي شهرين جي حياتين کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ ڪمپنين کي واهپيدارن کي سهولتون ڏيڻ جو پابند بڻائين جيئن ڪو اهڙو ٻيو واقعو ڪو ٻيو گهر يا خاندان اجاڙڻ جو سبب نه بڻجي .