بحرانن جا بنياد

0
468

هن ملڪ جو موجوده منظر ۽ ڪيفيت اهڙي آهي جنهن جو ا ظهار سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز ڀڳت سنگھه جي ڦاسيءَ واري اوپيرا ۾ ڪيو آهي.
“هي ديس نماڻيءَ رڍ جيان ۽ آهي ساڻيءَ رڍ جيان ، ان جي چئني طرف بگهڙ چيرڻ ڦاڙڻ ۾ سڀ ڀڙ …..” بلڪل ايئن اسان جي آڏو هيءُ ديس نٻل ۽ ڪمزور وجود ۾ پيل آهي جنهن جي چوطرف حملا آور ان کي پنهنجي لقمي بنائڻ لاءِ چيري ڦاڙي رهيا آهن، دنيا اهو سارو منظر ڏسي ٿي ته اها رياست جيڪا پاڻ کي ايٽمي طاقت ٿي سڏي انهيءَ جي رٽ، انهيءَ جي گرفت، انهيءَ ۾ قانون تي عمل، انهيءَ ۾سياسي اخلاقيات جو ڪلچر، ان ۾ عوام جو حشر ۽ نشر ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي. دنيا جي اسان کي ڪا به پرواھه نه هجي پر جيڪڏهن اسان پنهنجي وجود کي جاچينداسين ته وار وار مان درد جو رت وهي پيو، بي حسي جي حڪمراني ۽ بي وسيءَ جي عالم ۾ عوام. اهو سڀ ڪجھه مني صديءَ کان هن خطي تي اذيتن ۽ تڪليفن جو تسلسل آهي انت ڪٿي ٿيندو انهيءَ کي سمجھڻ بلڪل ڏکيو ناهي، ڀلا مسلسل بيماريءَ ۾ رهندڙ وجود موت کان ڪيترو پري رهندو انهيءَ کي سمجھڻ ڪهڙو ڏکيو آهي. سوال اهو ناهي ته اسان جو هيءُ حشر ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي پر سوال بنيادي هيءُ آهي ته هي اذيتن ۽ بيمارين جا بحران ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ انهيءَ جا بنياد ڪهڙن بوتن تي بيٺل آهن. بظاهر ته هر بحران کان پوءِ پاڻ کي جيڪو نظر ايندو آهي اهو هيءُ ته سڀ کان پهريان تنقيد جو نشانو حڪومتِ وقت ٿيندي آهي انهيءَ کان پوءِ جيڪڏهن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي هجن ٿا ته پوءِ اها تنقيد حڪومت سان گڏ اسٽيبلشمينٽ تي به ٿيندي آهي پر جڏهن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ دٻيل يا کليل تضاد ڪي اختلاف پيدا ٿا ٿين ته پوءِ اهڙن بحرانن کي سازشن جو نالو ڏئي اهو پورو گند اسٽيبلشمينٽ جي مٿان ڦٽو ڪيو ويندو آهي ڪير به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھي ته حڪومتِ وقت بحران کي منهن ڏيڻ جي پوري پوري ذميوار ۽ جوابدار آهي ۽ ان حقيقت کان به ڪنهن کي انڪار ناهي ته هن ملڪ جي اندر اسٽيبلشمينٽ اقتدار ۽ سياست ۾ مداخلت جي جيڪا تاريخ رقم ڪئي آ انهيءَ جي هر پيج تي ڪا نه ڪا سازش نظر اچي ٿي، تنهن ڪري تنقيد ۾ اهو تمام آسانيءَ سان چوڻ ته هنن سازشن جي پويان لڪيل قوتون آهن منطقي لڳندو آهي، پر ڇا حقيقت ايتري ۽ ايئن ئي آهي ڇا هڪ رياست ۾ سماجي ڪردار حڪومت ۽ رياست جا ادارا ادا ڪندا آهن؟
ها بلڪل بنيادي ذميواري انهن جي آهي پر جڏهن رياست جا ادارا ۽ حڪومت بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ٿا وڃن يا ڪمزور ٿي ٿا پون ته پوءِ ٻيو ڪردار ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جو جڙي ٿو ته هو پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت استعمال ڪندي پنهنجي ملڪ کي بحران کان بچائين ۽ هن کي ان ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍن جيڪا کيس غرق ڪري رهي آهي. بحران جيڪڏهن اڃان به شديد ۽ وڌيل آهي ته پوءِ انهيءَ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري سول سوسائٽي ۽ انهيءَ جا سڀئي پرت جن ۾ وڪيل ، ڊاڪٽر ، واپاري ، شاگرد ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ اچي ٿا وڃن انهن سڀنيءَ جو اهو لازمي فرض آهي ته اهي پنهنجو سماجي ڪردار ادا ڪندي ملڪ کي بحران کان ٻاهر ڪڍن. دنيا جي تاريخ ۾ ۽ خوشحال معاشرن جي تعمير ۾ اهوئي ٿيو آهي پر هتي معاملو انهيءَ جي بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿو جو سياسي جماعتون اقتداري ڌر تي وڌندڙ بحران کان سواءِ تنقيد جي ٻيو ڪجھه به نه ٿيون ڪن ۽ ساڳيو ڪردار حڪومت مخالفن جي تنقيد کان سواءِ جيڪو ڪجھه ڪري ٿي اهو نالي ماتر ۽ ڪمزور آهي ۽ رهيو آهي.
اسان جي سول سوسائٽي جا سڀئي پرت جن جو ذڪر ڪيو اهي پنهنجو ڪردار اهڙو ادا نٿا ڪن جنهن سان بحرانن کي ختم ڪري سگھجي. موجوده بحران جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا صرف پابندي پيل تحريڪ لبيڪ آهي يا انهيءَ تحريڪ سان موجوده حڪومت جو اهو معاهدو جيڪو ڪجھه وقت پهريان ان بنياد تي ڪيو ويو ته حڪومت اپريل ۾ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪندي جڏهن هي معاهدو ڪيو ويو ڇا انهيءَ جي خبران وقت مخالف ڌر کي نه پئي هئي بلاشڪ ان جو اعلان نه ڪيو ويو ۽ نه وري پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو پر پاڻ پوري اعتماد سان هيءُ چئي سگھون ٿا ته هتي ڪا به سيڪريسي ، سيڪريسي ناهي رهندي هتي هر سيڪريٽ اوپن سيڪريٽ هوندو آهي ان وقت ئي جيڪڏهن مخالت ڌر ان معاهدي تي پنهنجو ردِ عمل ڏيکاري ها ته هي موجوده بحران يا ٽڪراءُ پيدا نه ٿئي ها. انهيءَ کان علاوه هن ملڪ جي اندر جيڪي به فرقواريت ۽ مذهب جي بنيادن تي تضاد ٿين ٿا انهيءَ کان به وڌيڪ هتي ٽڪراءَ ذاتين ،برادرين ۽ قبيلن جي جھيڙن ۾ اسان جي آڏو آهن. آئي ڏينهن ماڻهن جو قتل ۽ ملڪيتن جو لٽجڻ ڦرجڻ معمول جو حصو بڻجي ويو آهي، انهيءَ خلاف ڪو به سختي سان نوٽيس ناهي ورتو ويو. هتان جو سمورو رولنگ ڪلاس جن ۾ جاگيردار ، سرمائيدار ، وڏا واپاري ، مٿانهين صف ۾ شامل ٿيندڙ ڪامورا يا مجموعي طور تي شامل اسٽيبلشمينٽ جي اندر ڌريون هن ملڪ جي عوام لاءِ فڪر مند آهن ئي نه ته عوام سان ڇا پيو ٿئي،
ڪير ڪهڙو کيڏ کيڏي پيو، هو رڳو پنهنجي ڦرماريت ۾ هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي ڪري رهيا آهن. پورو لٽ مار جو پيسو دنيا جي ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪري پنهنجي خاندان جون عياشيون ۽ سهولتون اتي پيدا ڪري چڪا آهن هتي هيءُ ملڪ هنن جي لاءِ هڪ اهڙو ڪمائڻ ۽ غلامن جو علائقو آهي جتي ماڻهو ڪهڙي به زندگي گذارين ۽ هنن سان ڪهڙن به نظرين فرقن ، فقهن جي نالي ۾ حالت ڪئي وڃي انهن جو اثر هن رولنگ ڪلاس تي ناهي پيو. جيڪڏهن هتان جي مجموعي طور تي سياست عوام دوست ڪردار ادا ڪري ها ته اڄ اها صورتحال ڪنهن به صورت ۾ نه پئي پيدا ٿي سگھي. دنيا جي ڪا به رياست پنهنجي سماجي ڪردار کي تڏهن ادا ڪري سگھي ٿي جڏهن سياست جو رخ عوام جي بهتريءَ جي طرف هوندو سياست ئي تمام سماجي پرتن کي نه رڳو متحرڪ ڪندي آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ شعوري جاڳرتا به پيدا ڪندي آهي.
هتي جيڪڏهن پاڻ ڏسنداسين ته ڪنهن به سياسي جماعت ۾ عوام جي لاءِ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو ڪو به تصور ۽ عمل نظر نه ايندو، ايتري حد تائين جو تمام وڏن وسيلن جي هوندي سوشل ميڊيا ، پرنٽ ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو به استعمال تاريخ جي شعور وڌائڻ لاءِ يا مذهب جي حقيقي ۽ عوام دوستيءَ واري تشريح جو ڪردار ادا نٿو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ٿئي ٿو ته اٽي ۾ لوڻ برابر ٿئي ٿو. جيتري نفرت سان اختلاف پيدا ڪيا وڃن ٿا اوتري طاقت سان ان جو مقابلو نٿو ڪيو وڃي. هي به هڪ عجيب بحث ٿئي پيو ته تحريڪ لبيڪ جي قيادت کي اهو سمجھائڻ گھرجي ته يورپي يونين سان تعلقات خراب ڪرڻ ملڪي مفاد ۾ ناهي مان انهن اڪابرن کان سوال ٿو ڪريان ڇا سعد رضوي ۽ هن تنظيم جا ٻيا اڳواڻ ان بنيادي ڄاڻ کان بي خبر آهن ؟
مان نٿو سمجھان ته هو بيخبر آهن پر هنن کي پنهنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پون ٿا اهي کڻندا، انهن کي سمجھائڻ جي جادوگري ڪرڻ يا تشدد جو استعمال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ بحران کي ختم نه ڪندو، بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري سياست جي موجوده ڌارا کي تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي. اڄ اسان جو وزير اعظم عمران خان چئي ٿو ته “ پنجاهه مسلمان ملڪن جي طاقت سان هو يورپي يونين کي قائل ڪندو ته توهين رسالت جون جيڪي حرڪتون ٿين ٿيون انهيءَ خلاف سنجيده رويو اختيار ڪن،
توڙي جو عمران خان اها به ڳالھه سمجھي ٿو ته انهن پنجاھه ملڪن جا پنهنجا پنهنجا معاشي مفاد ورهايل آهن هو هڪ پليٽ فارم تي ڪٺا ٿيڻ يا خود عمران خان انهن جي قيادت ڪري اهو يوٽوپيا يا لفاظيت کان سواءِ ڪجھه به ناهي. جيڪڏهن اسان جو وزير اعظم يا سياسي اڳواڻ جوابداري محسوس ڪن ها ته اهڙن حساس مسئلن تي پنهنجي روشن خيال دانشورن جو گروپ ٺاهي سنجيدگيءَ سان بيهوده روين جي علمي ۽ عقلي مزاحمت ڪن ها جيڪڏهن انهن حساس نوعيت جي مسئلن تي خود پارٽيون دنيا جي آڏو پنهنجو ڪيس رکن ها ته ان جو هڪ فائدو هي ضرور ٿئي ها ته ڪا به انتها پسند جماعت انهن تضادن جي نمائندگي نه ڪري ها. اسان کي صرف ۽ صرف هيءُ ناهي ڏسڻو ته هيءُ مذهبي معاملا مذهبي پارٽين يا مذهبي علمائن جو مسئلو آهي سماج جو هر مسئلو اخلاق ۽ انسانيت جو جيڪو به فرض آهي انهيءَ کي نڀائڻ جي لاءِ هرهڪ کي جوابدار ٿيڻو پوندو، خاص ڪري هن وقت دنيا جي اندر جمھوريت ،اخلاق ، شعور ۽ انسانيت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ باشعور پرتن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ سڀني سياسي جماعتون سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي بجاءِ حب الوطني جو ثبوت ڏيندي پنهنجو ڪردار ادا ڪن تڏهن بحرانن جو مقابلو ڪري سگھبو.