ڏوهاري ڦرلٽ ڪري ماڻهو ماري رهيا آهن، پوليس ناڪام ٿي وئي: سيشن جج

0
349
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

شڪارپور (ن پ ا) ڏوهاري شهر ۾ سرعام گهمي رهيا آهن، چوريون، ڦرون ڪري رهيا آهن ۽ مزاحمت تي شهرين کي قتل ڪري رهيا آهن، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو ايس ايس پي کي خط، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ ايس ايس پي کي خط ۾ چيو آهي ته پوليس عام ماڻهوءَ کي تحفظ ڏيڻ ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ ناڪام آهي، ايس ايڇ اوز جي سخت نگراني ڪري، معزز جج ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز کي امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۽ ڏوهن کي روڪڻ جون سخت هدايتون ڪري ڇڏيون.