نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ٽن سالن جو ٻارڙو پنهنجي ماءُ خلاف شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي ويو. ڀارتي رياست مڌيه پرديش ۾ ٽن سالن جو ٻارڙو پنهنجي ماءُ خلاف شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي ويو. ٻارڙي ٿاڻي جي عملي کي پنهنجي ماءُ جي شڪايت ڪندي چيو ته هوءَ مونکي ٽافيون کائڻ ناهي ڏيندي ۽ چماٽ هڻندي آهي ان لاءِ هن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٽن سالن جي صدام کي هن جو والد ضد ڪرڻ تي ٿاڻي وٺي پهتو ته ٿاڻي جو عملي ايتري ننڍي عمر جي شڪايت کڻي ايندڙ کي ڏسي حيران ٿي ويو. ٻارڙي عورت انسپيڪٽر کي پنهنجي والده خلاف شڪايت داخل ڪرائي ۽ هن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو، عورت آفيسر ٻارڙي کي پيار ڪيو ۽ ڪوڙي شڪايت داخل ڪري هڪ ڪاغذ تي باقاعده صحيح به ڪرائي. پوليس آفيسر ٻار کي يقين ڏياريو ته هن جي ماءُ کي گرفتار ڪيو ويندو. ماءُ خلاف ٿاڻي پهچندڙ ٻارڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.