سنگاپور سٽي(انٽرسٽنگ نيوز) سنگاپور ۾ هڪ شاندار ٽاور بڻايو ويو آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 80 هزار ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا ويا آهن جنهن کي “سبزنخلستان” نالو ڏنو ويو آهي. شيشي ۽ المونيئم سان ناڪيپيٽا اسپرنگ ٽاور ڪيترائي فٽ ڊگهو آهي جتي ڪجهه اهڙي طرح ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا ويا آهن جو هر جاءِ تان نظر اچن ٿا. ايتري تائين جو ڏاڪڻين تي به هنڌ هنڌ ٻوٽا ۽ وڻ موجود آهن. ناڪيپيٽا اسپرنگ جي ڪل ڊيگهه 280 ميٽر آهي جيڪا ايشيا جي بلند ترين عمارتن مان هڪ آهي. ان عمارت جي ڇت تي 4500 مربع فٽ تي هڪ باغ ۽ فصل اپايا ويا، جتي ڦل، سبزيون، پتا ۽ گل وغيره اپائي عمارت اندر واقع ٽن ريسٽورن کي فرام ڪيا ويندا آهن، اهڙي طرح هر مهيني 70 کان 100 ڪلوگرام جا ڦل، سبزيون ۽ ٿاڻي فودنو پيدا ٿيندو آهي. عمارت جي ڊنمارڪ جي ڪمپني هارڪي ڊيزائن ڪيو آهي ۽ ان تي اهي ئي وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا ويا آهن جيڪي سنگاپور ۾ عام ملندا آهن.