ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي سياسي سماجي شخصيت مسلم ليگ ن جو اڳواڻ بادشاھ سٺيو 48 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ، کيس سندس ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، جنازي نماز ۾ ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سيد شاهنواز شاھ ، يوٿ ضلعي صدر سيد سلال شاھ بخاري ، وارڊ 10 تي بيٺل پ پ اميدوار شفيق احمد ڀٽي ، يونين ڪائونسل ٽنڊوسائينداد تي بيٺل چيئرمين جي آزاد اميدوار پير مجدد جان سرهندي ، چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو ، پير معصوم جان سرهندي ، حاجي محمد صديق سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرحوم جو تڏو سندس ٽالپر ڪالوني واري رهائشگاھ تي وڇايو ويو آهي.