جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه جي ڳوٺ اسماعيل کوسو جي رھواسين احمد کوسو، عبدالله کوسو، صلاح الدين کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته بااثر ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي پريشان ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته بااثرن پمون کوسو ۽ ٻين ھر ايندڙ ويندڙ رستي تي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن، جن اسان جو لنگهڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل حاجي پمون کوسو چيو ته اسان جو هڪ ھمراھ شير محمد کوسو اسپتال ۾ داخل آهي، رستن تي ھٿياربند ويھارڻ جا الزام ڪوڙا آهن،