ھالا(ن پ ا)  هالا پوليس بنا ڪاغذ، فينسي نمبر پليٽ، ڪارن شيشن واري گاڏين کي خلاف ڪارروائي ڪئي.  ڀيل موري باءِ پاس وٽ شهر ۾ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي چيڪ ڪرڻ دوران فينسي نمبر پليٽون ۽ ڪارا شيشا لڳل گاڏين، موٽر سائيڪلن کي روڪي انهن تان فينسي نمبر پليٽون ۽ ڪارا شيشا لهرايا ويا ۽ ڊرائيورن کي ٻيهر اهڙي حرڪت ڪرڻ تي سندن گاڏين کي چالان ڪري ٿاڻي تي بند ڪرڻ جي وارننگ ڏئي کين ڇڏي ويو.