ٽنڊوباگو(ن پ ا)ٽنڊوباگو واپاري ايسوسيئشن جو اڳوڻو صدر ۽ عورتن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر انيلا خواجا جو والد امام بخش خواجا 75 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دوري سبب ٽنڊوباگو ۾ وفات ڪري ويو. جنهن کي اسماعيلي خواجن جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ شھرين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.