ميروخان (ن پ ا ) پاڪستان بيت المال جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر فدا پراچا ميروخان پهتو جتي هن برسات ۽ ٻوڏ متاثرن سان روبرو ملي حال احوال ورتا ۽ سعودي عرب طرفان ڏنل امدادي سامان ٽينٽ، اسپيشل راشن ۽ مڇردانيون پڻ تقسيم ڪيون. ايم ڊي پاڪستان بيت المال عامر فدا پراچا چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي تباهي آئي آهي. سعودي عرب طرفان مليل امدادي سامان ورهايون ٿا، ضرورت پئي ته اڃان به وڌيڪ سامان پهچائي متاثرن جي مدد ڪنداسين. ان موقعي ايم ڊي عامر فدا پراچا چيو ته مان ڪوشش ڪندس ته ميروخان ۽ نئون ديرو ۾ ووڪيشنل دستڪاري ۽ ٻيا سينٽر قائم ڪري هتان جي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.