راڄوخاناڻي(ن پ ا ) راڄوخاناڻي ويجهو راڄوخاناڻي حاجي سانوڻ مين روڊ تي واٽر سپلائي وٽ روڊ جي پاسي کان ويٺل برسات متاثر نينگري ڀاڳونتي ڌئ والجي ڪولھي کي ھڪ تيز رفتار موٽر سائيڪل ٽڪر ھڻي شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي نينگري کي مرڻينگ حالت ۾ راڄوخاناڻي رورل هيلٿ سينٽر پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد نازڪ حالت ۾ ايمبولينس ذريعي حيدرآباد روانو ڪيو ويو.