ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو ڀرسان نوجوان مائٽن سان ناراض ٿي ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ سچو آٿلو ۾ 30 سالن جي نوجوان شير محمد پٽ نم ڪورائي مائٽن کان ناراض ٿي ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڄاڻايل نوجوان کي نازڪ حالت ۾ فوري طور تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو. بعد ۾ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ انڊس اسپتال بدين نيو ويو، جتي ڪجهه دير بعد فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان شادي شده هو ۽ کيس 5 ٻارن جو اولاد آهي. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.