ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار پنجاب واسي 4 مسافر محمد عرفان، محمد نياز ميتلو ۽ محمد عاصم سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.