سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شھر جي مھراڻ ميڊيڪل سينٽر ۾ پتي جي آپريشن بعد پنجن معصوم ٻارڙن جي ماءُ نصرت لاکو فوت ٿي وئي، وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هنيو ويو آهي. سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڀيڏا جي رھواسي عبدالمجيد لاکو نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ڏيڍ ھفتو اڳ منھنجي نياڻي جي پتي جو غلط آپريشن ڪري کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جنھن جي ٻن ڏينھن کان پوءِ منھنجي نياڻي نصرت فوت ٿي وئي، اسان پاران دانھون ڪرڻ باوجود به ڊاڪٽر پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. فوتي عورت نصرت جي مڙس محبوب لاکو دانھيندي چيو ته سينٽر جي سيکڙاٽ ڊاڪٽرن منھنجي گھر واري جو غلط نموني سان آپريشن ڪيو جنهن سبب هوءَ فوت ٿي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ميڊيڪل سينٽر کي بند ڪري معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرائي وڃي. ٻئي طرف مھراڻ ميڊيڪل سينٽر جي مالڪ ڊاڪٽر مسعود احمد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل عورت جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو هو پر عورت کي ڪافي عرصي کان ڪاري سائي ھئي جنھن سبب سندس موت واقعي ٿيو آهي باقي ڊاڪٽر جو ڪنھن به قسم جو ڏوهه ناهي.