ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 31 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي، لاڙڪاڻي ۾ گڏهه ۽ ٻلي ٽن ڄڻن کي چڪي زخمي ڪيو. خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن 25 ڄڻن، جڏهن ته گڏهه ۽ ٻلي 3 ڄڻن کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ سيف الله، مبشر علي، نظير احمد، عمران، صدوران، امتياز، محمد علي، سرفراز، عبدالجبار، گنگا رام، شهزادي، منور، سهڻي خاتون ۽ ٻيا شامل آهن. دڙو شھر ۾ رولو ڪتن پنجن سالن جي راحت فاطمه ۽ 65 سالن جي محمد ابراهيم خاصخيلي کي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو. باهو کوسو ويجهو ڳوٺ مير غضنفر خان جکراڻي ۾ رولو ڪتن 3 ڄڻن رياض احمد، سندر ۽ پنجن سالن جي صائمه لاشاري کي چڪي زخمي ڪري وڌو. نفيس نگر جي يوسي فقير فيض محمد بلالاڻي ۾ رولو ڪتن اسپتال جي ملازم سانوڻ مري کي ڏاڙهي وڌو.