ملتان (م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي اڻڄاتل شخص طرفان ڌمڪي وارو پيغام وصول ٿيو آهي. ڌمڪي جوڳي پيغام تي يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي اڻڄاتل شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب پيغام ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي موسيٰ گيلاني جي حوالي سان ڌمڪي ڏني وئي، پيغام واري نمبر جي لوڪيشن خانيوال مان ٽريس ٿي. ايس پي طاهر مجيد جي سربراهي ۾ سي آءِ اي انچارج سميت پوليس اهلڪارن جي ٽيم جوڙي وئي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.