ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ نوجوان پئسن تان پيءُ سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو. ٽنڊوباگو لڳ پير حامد شاهه جي ٻنيءَ جي رهواسي نوجوان عثمان پٽ الهڏنو ملاح پيءُ سان پئسن تان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن موجب نينگر جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.