بدين/ ٽنڊوباگو (نمائندا) ٽنڊوباگو باءِ پاس وٽان باگو واهه مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ بدين واسي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ طور سندس مائٽن ڪري ڇڏي. خبر موجب گذريل ڏينهن ٽنڊوباگو شهر ٻاهران باءِ پاس روڊ وٽان باگو واھ ۾ لڙهي آيل لاش جي سڃاڻپ بدين واسي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ طور ٿي آهي. لاش کي تدفين لاءِ بدين کڻي وڃڻ خاطر ايڌي سينٽر جي عملي کي گهرايو ويو. ان دوران ٽنڊوباگو پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو کڻائي آئي، پر بدين کان وڏي تعداد ۾ پهتل ميمڻ برادري جا ماڻهو بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کي بدين کڻائي ويا. ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ بدين واسي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ ماتلي پهچي ڦليلي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. گهڻي ڳولا باوجود سندس لاش هٿ اچي نه سگهيو هو. گذريل ڏينهن ٽنڊوباگو باءِ پاس روڊ واري پل ڀرسان باگو واھ مان لاش هٿ آيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو ٿاڻي جي اي ايس آءِ مريد خان ٻڌايو ته لاش جي حالت خراب هئڻ ڪري وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ڏنو جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي بدين کڻائي ويا آهن. فوتي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ جون آخري رسمون بدين شهر جي ايگروول ڪالوني ۾ ادا ڪرڻ ۽ جنازي نماز بعد مرحوم کي شاھ قادري قبرستان ۾ دفنايو ويو. ٻئي پاسي سندس پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.