ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه جي وارڊ نمبر 4 نواب ڪالوني ۾ گهريلو اڻبڻت تان پورهيت ڦاهو کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ٺاروشاهه باءِ پاس ڀرسان نواب ڪالوني ۾ رڪشو هلائيندڙ پورهت نوجوان عديل چنا گهر جي ڪمري ۾ پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آندو. پورهت نوجوان جي پيءُ پرائمري ماستر عبدالجبار چنا ٻڌايو ته پٽ رڪشو هلائيندو هو خبر ناهي هن اهڙو جذباتي قدم ڇو کنيو. جڏھن ته ٺاروشاهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽرم ڪرائڻ لاءِ اسپتال کڻائي وئي. جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته نوجوان پنهنجي ماءُ سان گهريلو اڻبڻت تان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو.