ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجھو راھوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڏيٿا اسٽيشن وٽ ڏيٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان مبينا عورتن تي تشدد ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪزبانو، نازيه ڏيٿو، خير بانو ۽ نواب زادي ڏيٿو زخمي ٿي پيون. جنھن بعد ڏيٿا برادري جي مڇريل ماڻھن حيدرآباد_ ميرپورخاص روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن رزاق ڏيٿو، نوربانو، رحيم ڏيٿو ۽ ٻين چيو ته بااثرن اسان جي ساڍا 12 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آھي. ڪورٽ ۾ ڪيس ھجڻ باوجود پلاٽنگ جو ڪم جاري آھي. منع ڪرڻ تي بااثرن اسان جي عورتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي موت مار ڌمڪيون ڏنيون آھن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.