عدالت پاران ڊي سي سکر کي ٻيهر هٽائڻ جو حڪم

0
528
Sukkur Court

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي سي سکر کي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت جي حڪمن جي پيروي ڇو نه ڪئي، چيف سيڪريٽري سنڌ کي خبر ناهي ته ڊي سي سکر عهدي لاءِ موزون ناهي؟ چيف سيڪريٽري عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه پيو ڪرائي، عدالت کي چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪرڻ گهرجي؟ عدالت 6 اپريل تي ڊي سي کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت 15 اپريل تي اهو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سکر سرڪاري زمينن جي معاملي ۾ غير قانوني ڪارروائي جاري رکي، عدالت چيو ته ڊي سي سکر کي ڪابه فيلڊ پوسٽ نه ڏني وڃي.