ماھرا خان کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ نھ ڏينداسين: ھندو انتھاپسند جماعت جي ڌمڪي

0
462

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ھندو انتھاپسند جماعت مھاراشٽرا نونرمان سينا (ايم اين ايس) ماھرا خان جي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي آھي، ايم اين ايس سنيما ونگ جي صدر اميا ڪوپڪر ڀارتي ميڊيا سان ڳالھين دوران چيو تھ ھو ماھرا سوڌو ڪنھن بھ پاڪستاني اداڪار کي مھاراشٽرا يا ڀارت جي ڪنھن بھ حصي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نھ ڏينداسين، ڀارتي ميديا رپورٽس موجب ايم اين ايس جو بيان ان وقت سامھون آيو آھي جڏھن اطلاع آھن تھ ماھرا خان ڀارتي او ٽي ٽي پليٽ فارم پاران ويب سيريز يار جولاھي جي پيشڪش ڪئي وئي، ھن اھا پيشڪش قبول ڪري ورتي آھي.