علي گُل ملاح پاران درفشان کي وزن گهٽائڻ جو مشورو

0
74
علي گُل ملاح پاران درفشان کي وزن گهٽائڻ جو مشورو
علي گُل ملاح پاران درفشان کي وزن گهٽائڻ جو مشورو

ڪراچي(شوبز نيوز ) مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستاني ڊرامي ” عشق مرشد “ ۾ مزاحيه ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار علي گل ملاح ڊرامي جي هيروئن درفشان کي وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

علي گل ملاح ويجهڙائي ۾ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان کائنس سوال ڪيو ته هو اداڪارا درفشان کي ڪهڙو مشورو ڏيڻ چاهيندو؟

جواب ۾ علي گل ملاح چيو ته الله کيس ترقي ڏئي، کيس پنهنجي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مطلب ڊائيٽنگ ڪري. علي ملاح جي مشورو تي سوشل ميڊيا واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن علي ملاح جي راءِ سان اتفاق ڪيو آهي