ڪراچي (نمائندن وٽان) سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ جانثار شھيدن جي ياد ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي. سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر مھدي رضا شاھ ۽ سبزواري ساداتن جي اڳواڻي ۾ پينگھي ۾ تعزيئي جو جلوس  برآمد ڪيو ويو. ٽنڊومحمدخان ۾ درگاهه حاجي  سڀاڳو  فقير جي پڙ تان ماتمي جلوس برامد ڪيو ويو. جهنڊومري ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شھرن ۾مجلس، ماتمدار سميت سبيلن جا اسٽال لڳايا پيا .حيدرآباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 4 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح جا 8 ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. عزادار رابطا ڪاميٽي حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر زوار عبدالستار درس پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيون نمبر تلاءُ تان مصري شاهه جو پڙ سيد جعفر علي شاهه ۽ درگاهه ڪميٽي جي زير اهتمام، ٽنڊو ولي محمد مان سيد ڪامل شاهه جو پڙ سيد عاشق علي شاهه جي زير اهتمام، ٽنڊو ولي محمد مان مائي ساران جو پڙ رسول بخش جي زير اهتمام، انجمن رضويه گاڏي کاتو پاران سيد گل شاهه جو پڙ سيد صادقين شاهه جي زير اهتمام، ڌرم شالا مان جمال شاهه جو پڙ قمر علي شيخ جي زير اهتمام، ڌرم شالا مان سيد خاڪي شاهه جو پڙ غلام علي شاهه جي زير اهتمام، ٽنڊو آغا مان عبدالله جو پڙ فهيم مغل جي زير اهتمام، دادن شاهه ڪالوني مان ڀورو فقير مرڙاڻي جو پڙ سندس ئي زير اهتمام ۽ ٽنڊو مير نور محمد مان آچر پالاريءَ جو پڙ ساجد علي پالاريءَ جي زير اهتمام برآمد ٿيندا جيڪي مقرر پڙن تان ٿيندا. گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ جي انجمن جعفريه امام بارگاهه تي ذوالفقار علي کهاوڙ ۽ صدرالدين کهاوڙ جي پڙ تي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، نياز لنگر جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.  جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام گاجي کهاوڙ پوليس طرفان سخت ڪيا ويا. قاضي احمد شھر جي مرڪزي امام بارگاہ شاہ نجف ۾ مجلس عزا ٿي، مجلس عزا بعد ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو،  عزادارن پاران ماتم ڪيو ويو. ڪنڊيارو ۾ مرڪزي امام بارگاهه چمن بازار ، مسجد سيد باقر علي شاهه ۾ قديمي مجلسون منعقد ڪيون ويون، ٻئي طرف  ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. محرابپور ۾ مجلس عزا ٿي.s