قمبر ( رپورٽر) وارھ تعلقي جي ڳوٺ وريل پير ۾ ڪتي ڏاڙهيل ڳئون ۽ مينهن جو کير پيئندڙ هڪ ئي گهر جا  11  ڀاتي عورتون، مرد ۽ ٻار ويڪسين ڪرائڻ لاءِ قمبر جي سول اسپتال پهتا، جن ۾ سڄڻ کوسو، دادن، بلاول، نصيبه، سونيا، حسنا، مائره، دلدار ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي ويڪسين ڪئي وئي، سڄڻ کوسو ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ مينهن ۽ ڳئون کي ڪتي ڏاڙهيو هو،جيڪي گذريل رات مري ويون هيون، جن جو کير پيئڻ سبب  اسان کي به مٿي کي چڪر اچي رهيا هئا، بچاءَ لاءِ اسپتال اچي ويڪسين ڪرائي آھي.