حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لمس ڄامشورو جي  انتظاميا پاران دڪانن جي نيلامي ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي لمس جي چانسلر ۽ وائيس چانسلر کي نوٽيس جاري ڪندي کين 17 آگسٽ تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڄامشورو ڦاٽڪ واري علائقي سان تعلق رکندڙ شاهد مغل، عرفان ڀٽي، مير محمد، عطاءِالله بروهي سميت هڪ درجن کان وڌيڪ دڪاندارن درخواست داخل ڪرائي آهي ته لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل ايند هيلٿ سائنس پاران کين ڪافي عرصي کان ڄاڻايل دڪان ڪرائي تي ڏنا ويا هئا جتي هو مختلف قسم جو ڪاروبار ڪري پنهنجي گهر جو گذر سفر پيا ڪن پر هاڻي بنا ٻڌائڻ جي لمس جي انتظاميا مختلف فورمز تي اشتهار پئي هلرائي ته ڄاڻايل دڪانن جا آڪشن ڪيا ويندا جيڪو عمل غيرقانوني آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته انتظاميا دڪاندارن کي بنا ٻڌائڻ جي آڪشن نه ٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته قانون موجب دڪانن تي ڪافي عرصي کان ويٺل دڪاندارن جو حق آهي ان لاءِ لمس انتظاميا جي ڪيل فيصلي تي اسٽي ڏئي دڪاندارن سان انصاف ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي ڪئمپس جي چيئرمين ۽ رجسٽرار کي به جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.