ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ 8 مهينن کان ٽٽل ڊرينيج لائين جي مرمت نه ٿي سگهي، جنهن ڪري گندو پاڻي زرعي زمينن ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته باءِ پاس وٽ بچاءُ بند جي ڪم دوران ايڪسيويٽر مشين جي هلڻ ڪري ڊرينيج سسٽم جو وڏو حصو ٽٽي تباهه ٿي پيو، جنهن سبب ڊرينيج سسٽم مفلوج  ٿيڻ ڪري انتظاميا گندي پاڻي کي زرعي زمينن ۾ نيڪال ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڻي جي ڇوڙ جو متبادل نه هجڻ ڪري شھر جا ڪيترائي علائقا حيدرآباد روڊ، نواز ٽائون، فراز ٽائون، کنڊو روڊ، مجيد ڪالوني، چاند ڪالوني، محمدي ڪالوني سميت ٻيا علائقا ڪافي ڏينهن کان گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهن، هتان جي سياسي سماجي حلقن گندگي جو ذميوار ميونسپل انتظاميا کي قرار ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ شھري اتحاد جي چيئرمين ڪامريڊ محمد خان پنهور، امداد چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته ساڍا ٽي ڪروڙ ماهوار بجيٽ ھئڻ باوجود شھر کنڊر بڻيل آھي، صفائي ۽ پئٽرول جي نالي ۾ ماهوار لکين روپين جا جعلي بل ٺاهيا پيا وڃن جڏهن ته شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، هنن شهر مان گندگي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.