لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سماجي اتحاد ۽ سني تحريڪ طرفان مهانگائي، منشيات ۽ جوا جي اڏن توڙي بدامني خلاف الهه آباد پاڙي کان جناح باغ چوڪ تائين حافظ بشير شيخ، احمد بخش ڪورائي، حافظ محمد اسلم ڪانڌڙو، غلام حسين جتوئي، علي اصغر کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمرانن کي غريب عوام جو ڪو به احساس ناهي، ڳاٽي ٽوڙي مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو پنهنجا ٻچڙا وڪڻي رهيا آهن ۽ غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي.هنن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي سرپرستيءَ ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن.هنن وڌيڪ چيو ته مهانگائي، بيروزگاري، منشيات ۽ ٻين سماجي برائين جي ڪري لاڙڪاڻي ۾ ڏوهاري وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ڏوهاري سرعام ماڻهن کان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن پر پوليس بدامني جي خاتمي لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول تي منشيات ۽ جوا جي اڏان خلاف ڪاروائي ڪري بدامني جو خاتمو آندو وڃي.