نوابشاهه (بيورو رپورٽ) صوبائي ۽ وفاقي حڪومت، قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين انٽر بورڊ ڪميٽي پاران پاڪستان جي آئين جي 50 هين  گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ شھيد بينظير آباد جي زيرنگراني شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ انٽر بورڊ ڪامپيٽيشن تحت منھنجو آئين منھنجي آزادي جو ضامن جي عنوان سان انگريزي ۽ اردو ۾ تقريري مقابلا ٿيا، مقابلي ۾ شھداد پور جي نمرا جاويد ۽ زومل محمد پھرئين پوزيشن حاصل ڪئي.